صنعت ۽ پيدوار واري صوبائي وزير منظور وساڻ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ڊسمبر ۾ ختم ٿيڻ جو خواب ڏسي ورتو

manzoor wasan

صنعت ۽ پيدوار واري صوبائي وزير منظور وساڻ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس ڊسمبر ۾ ختم ٿيڻ جو خواب ڏسي ورتو، سندس چوڻ آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ختم ٿيڻ کانپو ءِ اڪثر پارٽين جا اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته موجوده حالتن کي ڏسي لڳي رهيو آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ڊسمبر ۾ ختم ٿي ويندو.

هن چيو ته ڪراچي جي هڪ اهم شخصيت جلد پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندي، حالتون اهڙيون آهن جو وٽس ٻيو آپشن نه هوندو.

منظور وساڻ چيو ته سانگهڙ ۽ ٺٽي جون ڪجهه شخصيتون به جلد پ پ ۾ شامل ٿينديون.

صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ۾ اهم شخصيت جي شموليت سان تنظيم  مضبوط ٿيندي، صوبائي سرڪار بهتر ڪم ڪري رهي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*