خانواهڻ ۾ جسقم اڳواڻ راجا منگي کي گنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو

khanwan-protest-20816

خانواهڻ  ۾ جسقم اڳواڻ راجا منگي کي گنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو.

جسقم ڪارڪنن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيوته وليس بنا جواز جسقم اڳواڻ راجا منگي کي گنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا قومي ڪارڪنن خلاف سازش آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود جسقم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف نا انصافيون بند نه پيون ٿين،

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته راجا منگي کي فوري طور آزاد ڪري جسقم ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*