ڪنڊيارو شهر جي مختلف علائقن جا 12 کان وڌيڪ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Kandiaro-Protest-20816

ڪنڊيارو شهر جي مختلف علائقن جا 12 کان وڌيڪ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهرين مک چوڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊز ۽ بينرز کڻي ريلي ڪڍندي شهر جون گشت ڪيو، جنهن بعد پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 12 کان وڌيڪ بجلي جا سڙي ويل ٽرانسفارمر ڪيتري ئي عرصي کان تبديل نه ڪيا ويا آهن.

هنن چيو ته بجلي نه هئڻ ڪري پاڻي جو به بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي جا سڙي ويل ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪري علائقن ۾ بند پيل بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*