سکر ۾ جيل کاتي جي ڪمپيوٽرز آپريٽرز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ به ملازمن کي اپگريڊ ڪيو وڃي

Sukkur-Computer-Opretor-Protest-20816

سکر ۾ جيل کاتي جي ڪمپيوٽرز آپريٽرز  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ به ملازمن کي اپگريڊ ڪيو وڃي.

آل سنڌ ڪمپيوٽرز آپريٽرز الائنس جي سڏ تي ملازمن اسحاق، محسن ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته ٻين صوبن ۾ ڪمپيوٽرز آپريٽرز کي 12 هين مان 16 گريڊ ۾ اپگريڊ ڪيو ويو آهي، پر سنڌ ۾ ملازمن کي ڪابه سهولت نٿي ڏني وڃي.

هنن چيو ته ڪمپيوٽر آپريٽرز جنهن گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندا آهن، ان ۾ ئي ڊيوٽي ڪندي رٽائرڊ ٿي ويندا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪمپيوٽر آپريٽرز کي  12 کان 16 تائين اپگريڊ ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*