قاضي احمد ۾ جانورن جي اسپتال ۾ سول ڪورٽ قائم ڪرڻ خلاف وٽنري عملي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Qazi-Ahmed-Protest-20816

قاضي احمد ۾ جانورن جي اسپتال ۾ سول ڪورٽ قائم ڪرڻ خلاف وٽنري عملي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

وٽنري ڊاڪٽرز غلام الله سومرو، هارون کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته جانورن جي اسپتال اڳي هڪ ٻن ڪمرن تي مشتمل آهي، مٿان ڪري ان ۾ سول ڪورٽ قائم ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته جانورن جي اسپتال ۾ سول ڪورٽ قائم ڪرڻ سان عملي ۽ ماولند ماڻهن کي تمام گهڻي پريشانين جو منهن ڏسڻو پوندو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جانورن جي اسپتال ۾ سول ڪورٽ  قائم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*