لاهور ايئرپورٽ تي اميگيريشن عملدارن اي سي ايل ۾ نالو هئڻ جو چئي 12 ورهين جي نينگر کي روڪي ورتو

Lahore-Air-Port--immigration-20816

لاهور ايئرپورٽ تي اميگيريشن عملدارن اي سي ايل ۾ نالو هئڻ جو چئي 12 ورهين جي نينگر کي روڪي ورتو آهي، نينگر جي والدين جي پهچڻ کانپوءِ کيس ڇڏيو ويو.

لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي تعليم جي سلسلي ۾ امريڪا ويندڙ 12 ورهين جي نينگر دانيال کي اميگريشن عملدارن سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل هئڻ جو چئي روڪي ورتو.

 نينگر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اميگريشن اختيارن وٽ موجود هو ۽ والدين جي پهچڻ کانپوءِ شخصي ضمانت تي کيس ڇڏيو ويو.

اميگريشن عملدارن جو چوڻ آهي ته نينگر جي والد جو پنهنجي گهرواري سان جهيڙو هلي رهيو هو، ان کي خوف هو ته سندس گهرواري دانيال کي لنڊن وٺي ويندي، ان ڪري نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرايو ويو هو.

اميگريشن عملدارن دانيال جي وارثن کي نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي جي عملدارن سان رابطي جي هدايت ڪئي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*