سڄي ملڪ ۾ ووٽر لسٽون اپگريڊ ڪرڻ وارو ڪم 50 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي،اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب

Babar-Yaqoob-20816

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ووٽر لسٽون اپگريڊ ڪرڻ وارو ڪم 50 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، عوام کي درخواست آهي ته ووٽ جي تصديق لاءِ ايندڙ اليڪشن ڪميشن جي عملي سان سهڪار ڪيو وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ چونڊ فهرستن جي نظرثاني بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنرز کان ووٽن جي تصديق ۽ اپگريڊيشن واري معاملي تي مليل رپورٽس جو جائزو ورتو ويو.

 اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 10 آگسٽ کان گهر گهر وڃي ووٽن جي تصديق ۽ ووٽر لسٽون اپگريڊ ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو هو، چئني صوبن ۾ هيل تائين 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر، ريجنل ڪمشنرز، رجسٽريشن آفيسرز ۽ تصديق ڪندڙ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عوام کي درخواست ڪئي ته پنهنجي ووٽ جا تفصيل ڄاڻن لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر لکي “ ايٽ ٿري ڊبل زيرو” تي ميسيج ڪن ۽ گهر گهر وڃي ووٽن جي تصديق ڪندڙ اليڪشن ڪميشن جي عملي سان سهڪار ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*