ترڪي ۾ شادي تقريب دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا، 94 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

turky blast

ترڪي ۾ شادي تقريب دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا، 94 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ترڪ پارليامنٽ جي ميمبر چيو آهي ته ڌماڪو دهشتگردي آهي، جنهن  ۾  انتها پسند تنظيم داعش ملوث ٿي سگهي ٿي .

ترڪي جي شهر غازي انتپ ۾ شادي جي تقريب دوران هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪي دوران 30 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 94 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ پارليامنٽ جي حڪومتي ميمبر چيو آهي ته شادي تقريب  دوران ڌماڪو دهشتگردي جو نتيجو آهي، جنهن ۾ داعش ملوث ٿي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*