وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سائيڪل ريس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي ٺٽو پهچي ويو آهي

cm cycling

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سائيڪل ريس جو  افتتاح ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي ٺٽو پهچي ويو آهي.

سي ايم هائوس جي ترجمان موجب، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر هائوس ڪراچي آڏو سائيڪل ريس جو افتتاح ڪيو ۽ ريس ۾ حصو وٺندڙن جي حوصلا افزائي ڪئي.

ترجمان موجب، مراد علي شاهه سائيڪل ريس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي ٺٽو پهچي ويو آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير ٺٽَي ويندي قائدآباد پل جو معائنو ڪيو، ٽريفڪ جام هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه غير قانوني پارڪنگ ۽ حد دخلين هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*