بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس تي ضابطو نه آيو، ڪوئيٽا جي جناح اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ عورت زندگي جي جنگ هارائي وئي

kongo

بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس تي ضابطو نه آيو، ڪوئيٽا جي جناح اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ عورت زندگي جي جنگ هارائي وئي، هلندڙ سال ڪوئيٽا ۾ فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.

 ڪوئيٽا جي جناح اسپتال ۾ علاج لاءِ آندل افغانستان واسڻ عورت فاطمه بيبي ڪانگو وائرس سبب موت جو شڪار ٿي وئي.

ذريعن موجب، بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس تيزي سان پکڙجڻ سبب ڪيتريون انساني حياتيون داءُ تي لڳل آهن، پر صحت کاتي ڪو قدم ناهي کنيو.

اسپتال انتظاميا موجب، ڪوئيٽا ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس سبب 12 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*