پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پنجاب ۾ رينجرز آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پنجاب ۾ رينجرز آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ سياسي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي.

اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته پنجاب پوليس شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران هڪ سياسي ٽولي جي ونگارو بڻجي وئي آهي.

هن چيو ته وفاقي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ نوجوان وڪيل فهد ملڪ کي قتل مذمت جوڳو عمل آهي.

عمران خان چيو ته پنجاب ۾ ٿاڻن مان ڏوهارين کي آزاد ڪرايو پيو وڃي، سنڌ جيان پنجاب ۾ به آپريشن ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*