سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن

thata murad ali shah

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن ، پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، ڪابه دعويٰ نٿو ڪيان،  پر سنڌ ۾ تبديلي ضرور نظر ايندي.

  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  مڪلي جي سول اسپتال پهچي گذريل رات روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي ۽ کين مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آهي، جن کي بهتر ڪرڻ لاءِ  سيڪريٽري صحت جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي ۽ جنهن پاران  پيش ڪيل تجويزن تي سهولتن جي کوٽ پوري ڪئي ويندي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته جهرڪ ويجهو روڊ حادثي تي کيس افسوس آهي، زخمين جو سرڪاري خرچ تي مڪمل  علاج ڪرايو ويندو.

وڏي وزير چيو ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن، پر سنڌ ۾ اڃان وڌيڪ ترقياتي ڪمن جي گنجائش موجود آهي.

وڏي وزير چيو ته  آئون ڪابه دعويٰ نٿو ڪيان، پر ايندڙ ڪجهه عرصي دوران سنڌ ۾ تبديلي ضرورت نظر ايندي.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته منظور وساڻ جي خوابن جي تعبير بابت هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، پيپلزپارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي، جنهن وٽ سڀني لاءِ دروازا کليل آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ۽ سجاول کي ملائيندڙ دول درياهه خان پل جو به دورو ڪري معائنو ڪيو، ان موقعي تي عملدارن پل جي هلندڙ ڪم بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*