تنگواڻي، ڪنڊيارو ۽ باڊهه ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

sepco

تنگواڻي، ڪنڊيارو ۽ باڊهه ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

تنگواڻي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شهرين مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو  ۽ نعريباز ي ڪئي.

ڪنڊيارو شهر جي مختلف علائقن  ۾ 12 کان وڌيڪ بجلي جا سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

باڊهه ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهر جي  سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيِڊنگ جو سلسلو بند ڪري سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*