پيرڳوٺ ۾ پنجاب کان آيل شڪاري سرعام پکين جو شڪار ڪري رهيا آهن

birds

پيرڳوٺ ۾ پنجاب کان آيل شڪاري سرعام  پکين جو شڪار ڪري رهيا آهن، پر جهنگلي جيوت کاتو اگهور ننڊ ستل آهي.

پيرڳوٺ جي مختلف علائقن ۾ پنجاب کان آيل شڪاري تِتِر ۽ ٻين ناياب پکين جو سرعام شڪار ڪري رهيا آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پنجاب شڪاري هزارين پکين کي پکڙي ٻين صوبن ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته شڪاري ناياب پکين جي نسل ڪشي ڪري رهيا آهن، اطلاع ڏيڻ باوجود جهنگلي جيوت کاتي هيل تائين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*