سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن

cm

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن ، پر وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، پ پ جا سڀني لاءِ دروازا کليل آهن، پر ان لاءِ ڪارڪنن جي رضامندي ضروري آهي.

 جهرڪ ويجهو حادثي جي اطلاع کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  مڪلي جي سول اسپتال پهچي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي ۽ کين مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آهي، جن کي بهتر ڪرڻ لاءِ  سيڪريٽري صحت جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي ۽ جنهن پاران  پيش ڪيل تجويزن تي سهولتن جي کوٽ پوري ڪئي ويندي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته جهرڪ ويجهو روڊ حادثي تي کيس افسوس آهي، زخمين جو سرڪاري خرچ تي مڪمل  علاج ڪرايو ويندو.

وڏي وزير چيو ته قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن، پر سنڌ ۾ اڃان وڌيڪ ترقياتي ڪمن جي گنجائش موجود آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  آئون ڪابه دعويٰ نٿو ڪيان، پر ايندڙ ڪجهه عرصي دوران سنڌ ۾ تبديلي ضرورت نظر ايندي.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته منظور وساڻ جي خوابن جي تعبير بابت هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو، پيپلزپارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي، جنهن وٽ سڀني لاءِ دروازا کليل آهن، پر ان لاءِ ڪارڪنن جي رضامندي ضروري آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ۽ سجاول کي ملائيندڙ دول درياهه خان پل جو به دورو ڪري معائنو ڪيو، ان موقعي تي عملدارن پل جي هلندڙ ڪم بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.

وڏي وزير سجاول جي دوري دوران هڪ ننڍي هوٽل تي ويهي چانهه پيتي ۽ پڪوڙا کاڌا، جنهن دوران وڏي شهرين جا مسئلا به ٻڌا.

سجاول ضلعي ۾ روينيو ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف وڏي وزير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن تي وڏي وزير کين پگهارون جاري ٿيڻ جي خاطري ڪرائي.

وڏي وزير چيو ته سجاول ضلعو بڻجڻ کانپوءِ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جلد ضلعي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

سجاول جو دورو ڪرڻ کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واپس ٺٽي پهچي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ مين اسٽاپ تي گاڏي مان لهي هڪ دڪان تي جوس پيتو.

وڏي وزير جي پهچڻ تي عوام  بنيادي مئسلن بابت شڪايتن تي انبار لڳائي ڇڏيا،  جنهن تي وڏي وزير کين مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي……………..

.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*