پسند جي پرڻي تان هنڱورجا ۾ زهر ڏنل ڪامران لاڙڪ جو ٽيجهو آهي پر ساڻس زندگي گڏ گهارڻ جا وچن ڪندڙ طاهره شاهه کي مڙس جي موت کان بيخبر رکيو ويو آهي

larkana tahira shah

پسند جي پرڻي تان هنڱورجا ۾ زهر ڏنل ڪامران لاڙڪ جو ٽيجهو آهي پر ساڻس زندگي گڏ گهارڻ جا وچن ڪندڙ طاهره شاهه کي مڙس جي موت کان بيخبر رکيو ويو آهي، سڀاڻي سندس 164 جو بيان رڪارڊ ٿيڻو آهي پوليس ساڻس ملاقات تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، نفيساتي ماهر ڊاڪٽر عنايت مگسي چيو آهي ته هن مرحلي تي ناري کي بي خبر رکڻ هڪ اخلاقي جرم آهي.

هنڱورجا ۾ دوکي سان گهرائي زهر ڏنل ڪامران لاڙڪ جي فوت ٿيڻ کي 3 ڏينهن گذري ويا، سندس ٽيجهي تي به طاهره شاهه کي مڙس جي فوت ٿيڻ توڙي جوابدارن جي بيانن کان مڪمل طور بي خبر رکيو ويو آهي.

طاهره شاهه مڙس سان ملاقات جي اميد تي مرڪي پوي ٿي، هن ڪامران سان ملاقات وقت کيس پيش ڪرڻ لاءِ گلدستا سنڀالي رکيا آهن.

طبيعت ۾ سڌارو اچڻ باوجود طاهره شاهه کي ڊسچارج ڪرڻ بدران آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي، جتي هڪ ئي وقت 30-30 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر آهن.

سڀاڻي طاهره شاهه جو 164 وارو بيان ٿيڻو آهي، هن اهم مرحلي تي کيس سموري معاملي کان بي خبر رکڻ وارا فيصلا ڪير پيو ڪري معاملو ڳجهارت بڻيل آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر عنايت مگسي چيو ته هن مرحلي تي ناري کي مڙس جي لاڏاڻي کان بي خبر رکڻ هڪ وڏو اخلاقي جرم آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن طاهره شاهه مڙس جي فوتگي بابت اطلاع ڏنو وڃي ها ته هوءَ مٽن مائٽن سان روئي ها جنهن سان ڏک گهٽ ٿئي ها، جيڪڏهن ناري کي بيخبر رکيو ويو ته سندس سماج کان نفرت ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*