ڪراچي جي مڌو ڳوٺ مان اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي جي وارثن لاش يونيورسٽي روڊ تي رکي ڌرڻو هينو

Khi-Children-Kinnaped-murder-22816

ڪراچي جي مڌو ڳوٺ مان اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي جي وارثن لاش  يونيورسٽي روڊ تي رکي ڌرڻو هينو آهي، وارثن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

چئن ورهين جي عبدالرحمان کي گذريل ڏينهن منجهند 3 وڳي مڌو ڳوٺ مان اغوا ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويوهو.

وارثن لاش کڻي يونيورسٽي روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ نظام متاثر ٿي ويو.

ٻارڙي جي وارثن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عبدالرحمان جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث جوابدار نگرفتار ڪيا وڃن.

ان کان اڳ پوليس ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ۽ واقعي ۾  ملوث هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*