لاهور مان پر اسرار نموني گم ٿيل چئن نارين جو پتو پئجي ويو

Lahore-Missing-Girl-22816

لاهور مان پر اسرار نموني گم ٿيل چئن نارين جو پتو پئجي ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناريون راولپنڊي جي ريلوي پوليس جي تحويل ۾ آهن، نارين غربت کان تنگ ٿي گهر ڇڏيو هو.

لاهور جي علائقي شاهه نور مان پراسرار نموني گم ٿيل چئن نارين جو 10 ڪلاڪن کانپوءِ پتو پئجي ويو آهي، چار ئي ناريون راولپنڊي جي ريلوي پوليس جي تحويل ۾ آهن.

 نارين پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته اهي پاڻ ۾ سئوٽ آهن ۽  غربت کان تنگ ٿي گهر مان نڪتيون هيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاهور پوليس ۽ نارين جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي، چئني نارين کي سندن وارثن حوالي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته نارين جي وارثن پاران سندن گمشدگي بابت لاهور جي شاهه نور ٿاڻي تي درخواست ڏني هئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*