ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي ۾ ڪومبنگ آپريشن دوران 70 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو

Quetta-22816

ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي ۾ ڪومبنگ آپريشن دوران 70 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪومبنگ آپريشن جا وڌيڪ تفصيل شيئر نٿا ڪري سگهجن.

آرمي چيف جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشنز دوران ڪيترن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي بارودي مواد هٿ ڪري ورتو آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي ۾  13 آپريشنز دوران هڪ سئو 43 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ڪاررواين دوران 500 ڄڻن جي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن جا وڌيڪ تفصيل ميڊيا سان شيئر نٿا ڪري سگهجن.

واضح رهي ته ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سياسي قيادت جي مشاورت کانپوءِ سڪيورٽي فورسز کي ڪومبنگ آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا ۾ ناڪا لڳائي ڇڏيا آهن ۽ چيڪ پوسٽز به قائم ڪيون پيون آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*