وفاقي حڪومت به ايم ڪيو ايم جي بک هڙتال ختم ڪرائي نه سگهي

Farooq-Sattar-22816

وفاقي حڪومت به ايم ڪيو ايم جي بک هڙتال ختم ڪرائي نه سگهي، متحده اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندڙ وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته متحده جون شڪايتون وزيراعظم سامهون رکيون وينديون، ٻن يا ٽن ڏينهن اندر مثبت ختم ملندي.

وزيراعظم نواز شريف جي هدايتن تي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ڪراچي پهچي پنجاب هائوس تي ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن پنهنجي گرفتار ۽ گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابيءَ تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

وفاقي وزير ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي متحده جي بک هڙتال ختم ڪرائڻ بدران اسلام آباد روانو ٿي ويو.

وفاقي وزير پرويز رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جون سموريون شڪايتون ٻڌيون آهن، جيڪي وزيراعظم سامهون رکيون وينديون.

وفاقي وزير چيو ته کيس اميد آهي ته ٻن يا ٽن ڏينهن اندر ايم ڪيو ايم جو احتجاج ختم ٿي ويندو ۽ سمورا اڳواڻ پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*