بلوچستان جي علائقي ڊيرا بگٽي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا

Dera-Bugti-22816

بلوچستان جي علائقي ڊيرا بگٽي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حب ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري ٽن دهشتگردن کي ماري وڏي انگ ۾ بارودي مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ذريعن موجب ڊيرا بگٽي جي علائقي زين ڪوه ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن  جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ته   ان دوران 2 ڌماڪا ٿيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌماڪي بعد فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن حب ويجهو شاهه نوراني ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ بندش پيل تنظيم جو ڪمانڊر ۽ ان جا 2 ساٿي شامل آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد چيني شهرين جي اغوا ۽ پولٽري فارم ۾ 9 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث هئا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*