ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت بيان خلاف آزاد ڪشمير ۾ يوم مذمت ملهايو پيو وڃي

Azad-Kashmir-pritest-Modi-22816

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت بيان خلاف آزاد ڪشمير ۾ يوم مذمت ملهايو پيو وڃي،  مظفر آباد سميت مختلف شهرن ۾ مودي جي بيان خلاف احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بيان خلاف مظفر آباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڪيلن، صحافين ۽ اسڪولن جي ٻارڙن سميت سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مظاهرين پاران ڀارتي وزيراعظم خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ سندس پتلي کي باهه پڻ ڏني وئي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نريندر مودي جي چوڻ تي ڀارتي سڪيورٽي فورسز ڏيڍ مهيني کان بيگناهه ڪشميرن جو قتل عام شروع ڪيو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*