گمبٽ جِي عدالت طاهره شاهه جي 164 واري بيان بعد کيس ڪامران لاڙڪ جي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Tahir-Shah-Gabmat-22816

گمبٽ جِي عدالت طاهره شاهه جي 164 واري بيان بعد کيس ڪامران لاڙڪ جي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، طاهره شاهه چيو آهي ته کين پيءُ ۽ چاچن زهر ڏنو، ڪامران جو پيءُ ۽ ڀاءُ بيڏوهي آهن.

خيرپور پوليس چانڊڪا اسپتال مان ڊسچارج ڪيل ناري طاهره شاهه کي گمبٽ جي جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.

طاهره شاهه جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته سندس پيءُ ۽ چاچن کين زهر ڏنو، سڄو ڪم چاچي شمشاد شاهه جو هو، ڪامران جو پيءُ ۽ ڀاءُ بيڏوهي آهن.

طاهره شاهه جي بيان رڪارڊ ڪرائڻ وقت سندس پيءُ احسن شاهه، چاچي شمشاد شاهه، ڪامران جي پيءُ غلام رسول لاڙڪ ۽ ڀاءُ عمران لاڙڪ سميت 6 ئي گرفتار جوابدر به عدالت ۾ موجود هئا.

ناري سباس طاهره شاهه عدالت ۾ چيو ته هوءَ ڪامران لاڙڪ جي وارثن ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي، تنهنڪري کيس مڙس جي وارثن حوالي ڪيو وڃي.

عدالت طاهره شاهه کي ڪامران جي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گرفتار جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو.

عدالت ٻاهران ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ناري جي پيءُ احسن شاهه ۽ چاچي شمشاد شاهه چيو ته طاهره شاهه اهو ئي بيان ڏنو، جيڪو پوليس چاهيو.

طاهره شاهه جي پيءُ احسن شاهه جوڙي کي زهر ڏيڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته کين انصاف ناهي مليو.

فوتي نوجوان ڪامران لاڙڪ جي ڀاءُ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سباس طاهره سندن لڄ آهي، جوابدار ڌر پاران مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

طاهره شاهه جي وڪيل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن جي وڪيل عدالت آڏو ڪو به اعتراض نه ڪيو، هاڻ پوليس وٽ ڪامران لاڙڪ جي پيءُ ۽ ڀاءُ کي قيد رکڻ جو جواز نه رهيو آهي.

واضح رهي ته چار ڏينهن اڳ هنڱورجا ۾ پسند پرڻي تان ناري سباس طاهره شاهه ۽ نوجوان ڪامران لاڙڪ کي ناري جي وارثن رخصتي بهاني گهرائي زوري زهر ڏنو هو، جڏهن ته نوجوان جو پيءُ ۽ ڀاءُ گرفتار آهن………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*