پشاور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

Peshawar-Ring-Road-22816

پشاور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان روڊ ڪناري نصب ڪيل 5 ڪلو وزني بم ناڪاره بڻايو ويو.

پشاور جي رنگ روڊ واري علائقي ۾ بم جي اطلاع تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پهچي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گهرايو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊگهين ڪوششن کانپوءِ روڊ ڪناري تي نصب ڪيل 5 ڪلو گرام وزني بم ناڪاره بڻائي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن 5 ڪلو وزني بم روڊ ڪناري نصب ڪيو هو، جنهن کي ناڪاره بڻايو ويو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*