اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ طاهر القادري جي گرفتاري وارنٽس وارو حڪم برقرار رکي ڇڏيو

Imran-Tahir-22816

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ ۽  پي ٽي وي حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ طاهر القادري جي گرفتاري وارنٽس وارو حڪم برقرار رکي ڇڏيو آهي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي اڳواڻن کي 26 ڊسمبر تائين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي ڌرڻن دوران پارليامينٽ ۽ سرڪاري ٽي وي تي حملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس عمران خان ۽ طاهر القادري جي گرفتاري وارنٽس تي عملدرآمد بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهي.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان ۽ طاهر القادري تائين گرفتاري وارنٽس پهچائڻ واري عدالتي حڪم تي اڃان تائين عمل ناهي ٿي سگهيو، عدالت کين مهلت ڏئي.

عدالت،  عمران خان ۽ طاهر القادري جا گرفتاري وارنٽس برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان ۽ طاهر القادري کي گرفتار ڪري 26 سيپٽمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 عدالت ٻڌڻيءَ دوران پيش ڪيل 9 جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪري ورتي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*