ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مڇريل ڪارڪنن زينب مارڪيٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد ٻن ٽي وي چئنلز جو گهيراءُ ڪري ڀڄ ڊاهه ڪئي، زينب مارڪيٽ ۾ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

MQM-Zainab-22816

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مڇريل ڪارڪنن زينب مارڪيٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد ٻن ٽي وي چئنلز جو گهيراءُ ڪري ڀڄ ڊاهه ڪئي، زينب مارڪيٽ ۾ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، رينجرز ۽ پوليس ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ايم ڪيو ايم جي احتجاجي ڪيمپ پٽي ڇڏي.

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿيڻ بعد مڇريل ماڻهو رستن تي نڪري آيا، جن زينب مارڪيٽ ۾ ڪاروبار بند ڪرايو ۽ پوليس جي موبائيل سميت ڪجهه گاڏين کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

مڇريل ماڻهن زينب مارڪيٽ جي سڪيورٽي لاءِ بيٺل گارڊز کان هٿيار ڦري پوليس تي هوائي فائرنگ به ڪئي، فائرنگ ۽ پٿراءُ ۾ صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او شبير حيدر سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين مان عارف سعيد نالي زخمي اسپتال ۾ دم ڏنو، ان کانسواءِ عورتن سميت ڪيترن ئي مڇريل ماڻهن اي آر واءِ ۽ سماءَ نيوز جي آفيسن جو گهيراءُ ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي.

وڳوڙ واري صورتحال دوران ڪراچي شهر جا مختلف روڊ رستا بند ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو.

ڪجهه دير بعد پوليس ۽ رينجرز جي نفري پريس ڪلب پهچي ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بعد ايم ڪيو ايم جي احتجاجي ڪئمپ به پٽي ڇڏي.

پوليس ۽ رينجرز پريس ڪلب ۽ زينب مارڪيٽ جي ڀرپاسي وڳوڙ واري صورتحال تي ضابطو آڻي ورتو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته چڙڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي وڳوڙن لاءِ ڀڙڪائڻ تان متحده سربراهه ۽ ٻين اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.

پوليس ذريعن موجب ٽي وي چئنلز تي حملن ۽ مارڪيٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جا به ڪيس داخل ڪيا ويندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*