ٽي وي چئنلز تي حملو ڪندڙن کي هڪ هڪ سيڪنڊ جو حساب ڏيڻو پوندو، حملي لاءِ حڪم ڏيندڙن کان به حساب ورتو ويندو، ميجر جنرل بلال اڪبر

Bilal-Akber-22816

ڊي جي رينجرز سنڌ زينب مارڪيٽ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، ميجر جنرل بلال اڪبر چيو آهي ته ٽي وي چئنلز تي حملو ڪندڙن کي هڪ هڪ سيڪنڊ جو حساب ڏيڻو پوندو، حملي لاءِ حڪم ڏيندڙن کان به حساب ورتو ويندو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڪراچي ۾ وڳوڙن بابت ڊي جي رينجرز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر زينب مارڪيٽ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کيس مارڪيٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ٽي وي چئنلز جي آفيسن تي حملن بابت بريفنگ ڏني وئي.

ڊي جي رينجرز چيو ته ٽي وي چئنلز تي حملو ڪندڙن کان هڪ هڪ سيڪنڊ جو حساب ورتو ويندو ۽ ان سان گڏ انهن ماڻهن کي جن حملن جو حڪم ڏنو، انهن کان به حساب ورتو ويندو.

ميجر جنرل بلال اڪبر چيو ته شهر جون مارڪيٽس بند ڪرائيندڙن بابت رينجرز جي هيلپ لائين تي اطلاع ڏنو وڃي.

ڊي جي رينجرز چيو ته صورتحال جو غور سان جائزو ورتو پيو وڃي، شهري پنهنجو ڪاروبار کليل رکن، قانون هٿن ۾ کڻندڙن کي نه ڇڏيو ويندو.

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڪراچي جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي ڊي جي رينجرز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*