ايم ڪيو ايم سربراهه کي رڳو لاش گهرجن، اڄوڪي ڪارروائي کانپوءِ را جي ايجنٽس خلاف ٻيا ڪهڙا ثبوت گهرجن، ڀارت جيڪو پاڻ نٿو ڪري سگهي، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال

Mustafah-Kamal-22816

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه کي رڳو لاش گهرجن، اڄوڪي ڪارروائي کانپوءِ را جي ايجنٽس خلاف ٻيا ڪهڙا ثبوت گهرجن، ڀارت جيڪو پاڻ نٿو ڪري سگهي، اهو متحده سربراهه جي هٿان ڪرائي رهيو آهي، ادارن کي هاڻي عملي قدم کڻڻ لاءِ دير نه ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال متحده سربراهه سميت ايم ڪيو ايم جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀ ڪجهه هو 23 مارچ کان چئي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه کي رڳو لاش گهرجن.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته متحده سربراهه ڀارت کان پيسا وٺي پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، ڀارت جيڪو ڪم پاڻ نه ٿو ڪري سگهي اهو ڪم ايم ڪيو ايم کان وٺي رهيو آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته متحده سربراهه اڄ ٻيهر ڀارت کان مدد گهري آهي، اڄوڪي ڪارروائي کانپوءِ را جي ايجنٽس خلاف ٻيا ڪهڙا ثبوت گهرجن، ادارن کي هاڻي عملي قدم کڻڻ لاءِ دير نه ڪرڻ گهرجي.

مصطفيٰ ڪمال تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه عسڪري قيادت ۽ اعلي عدليه جي ججز خلاف بيان ڏئي پوءِ معافي وٺندو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*