سپريم ڪورٽ پوليس فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ نيب پاران پيش ڪيل انڪوائري رپورٽ منظور ڪندي

superemcourt12-8

سپريم ڪورٽ پوليس فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ نيب پاران پيش ڪيل انڪوائري رپورٽ منظور ڪندي ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي يا ريفرنس داخل ڪرڻ بابت 10 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي، نيب فهرست ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي آءِ جي شهاب مظهر ۽ ٻين جي نالا شامل  آهن.

سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ سنڌ پوليس جي فنڊز ۾ ڪرپشن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب طرفان انڪوائري رپورٽ پيش ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ نيب رپورٽ منظور ڪندي نيب کي پنهنجي بورڊ جو اجلاس طلب ڪري ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي يا ريفرنسز داخل ڪرڻ بابت 10 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايت ڪئي ته جيڪي آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن، انهن جا نالا ٻڌايا وڃن.

عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته پوليس فنڊز ۾ ڪرپشن ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي آءِ جي شهاب مظهر، ايڊيشنل ڊي آءِ جي اعتزاز احمد گهوريا، اي آءِ جي فنانس فرد حسين شاهه، ايس ايس پي غلام اظفر مهيسر، امجد شيخ، عمر طفيل ۽ خالد مصطفيٰ ڪورائي شامل آهن.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*