وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ڊي جي رينجرز سنڌ سان رابطو ڪري ڪراچي ۾ سمورن ميڊيا هائوسز جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي

nisar or dg

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ڊي جي رينجرز سنڌ سان رابطو ڪري ڪراچي ۾ سمورن ميڊيا هائوسز جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته  پر امن شهرين کي حراسان ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان موجب، چوڌري نثار ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر سان رابطو ڪري  متحده سربراهه جي ملڪ دشمن تقريرن ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن کانپوءِ واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي جي موجوده صورتحال ۽ گرفتارين بابت چوڌري نثار کي تفصيل سان آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي چوڌري نثار سنڌ خاص طور ڪراچي ۾ حالتون ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽  امن امان برقرار رکڻ تي رينجرز ۽ پوليس جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

چوڌري نثار ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ سموري ميڊيا هائوسز جي سڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي، شهر ۽ پوليس سان گڏ رينجرز جي معاونت به شامل هئڻ گهرجي.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪو به شرپسند قانون جي گرفت کان نه بچي سگهي ۽ شهرين کي حراسان ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*