وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، برطانوي حڪومت سان رابطو ڪري ملڪ دشمن تقريرون ڪندڙ شخص کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻڻ لاءِ برطانوي سرڪار کان مدد طلب ڪري ورتي آهي

chodhari nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، برطانوي حڪومت سان رابطو ڪري  ملڪ دشمن تقريرون ڪندڙ شخص کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻڻ لاءِ برطانوي سرڪار کان مدد طلب ڪري ورتي آهي، چوڌري نثار چيو آهي ته هڪ شخص برطانوي سرزمين استعمال ڪري پاڪستان جي سلامتي ۽ امن خلاف ڳالهايو.

وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب چوڌري نثار گذريل رات برطانوي حڪومت جي اعليٰ عملدارن سان رابطو ڪيو، جنهن دوران متحده سربراهه جي پاڪستان مخالف تقرير ۽ ڪارڪنن کي ميڊيا هائوسز تي حملن لاءِ ڀڙڪائڻ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ڪنهن شخص جو برطانوي سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان جي سالميت ۽ امن خلاف قدم مذمت جوڳو عمل آهي.

چوڌري نثار چيو ته متحده سربراهه پاڪستان ۽ پاڪستاني ادارن خلاف زهر اوڳاڇي نه صرف سموري قوم جي دل آزاري ڪئي آهي پر سنگين ڏوهه پڻ ڪيو آهي.

وفاقي گهرو وزير برطانوي حڪومت کي درخواست ڪئي ته برطانوي سرڪار پاڪستان مخالف تقريرون ڪندڙ شخص کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت سان سهڪار ڪري…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*