قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد، متحده سربراهه جي ملڪ دشمنن بيانن تي برطانوي سفير کي طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي

Khursheed-Shah-11716

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد، متحده سربراهه جي ملڪ دشمنن بيانن تي برطانوي سفير کي طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ والاريل ڪشمير جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي سميت ڪا به جماعت ملڪ جي عزت تي سوديبازي نٿي ڪري سگهي.

پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته متحده سربراهه جو پاڪستان خلاف بيان افسوسناڪ آهي، تقرير ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا، ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هـُن چيو ته متحده سربراهه جي ملڪ دشمن بيان تي رڳو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ ڪافي نه آهي، برطانيه جي سفير کي فوري طور تي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته برطانيه جي  سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي، حڪومت برطانوي هاءِ ڪمشنر کي به طلب ڪري ته اتان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڇو پئي ٿئي.؟

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته هڪ سياسي ورڪر جو اهڙي پارٽي ۾ رهڻ ڏکيو آهي، جيڪا ملڪ جي نظرئي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي سميت ڪا به پارٽي ملڪ جي عزت تي سوديبازي نه ڪندي، هاڻي اهو زمانو ناهي رهيو جو ميڊيا هائوسز تي حملا ڪري آواز کي دٻايو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*