سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ملڪ دشمن تقريرون ڪرڻ تي متحده جي سربراهه خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي

aitzaaazz

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ملڪ دشمن تقريرون ڪرڻ تي متحده جي سربراهه خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي، موجوده صورتحال اردو ڳالهائيندڙن لاءِ به فڪر جوڳي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته الطاف حسين انتهائي سنگين ڳالهه ڪئي آهي، ڪراچي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ذميوار به متحده جو سربراهه ئي آهي.

هن چيو ته ملڪ دشمن بيانن تي متحده سربراهه خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن متحده سربراهه خلاف پهريان آرٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ها ته اهڙي نوبت ئي نه اچي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*