ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن پاران شهري کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آءِ جي پوليس نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

khi tashadud

ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن پاران شهري کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آءِ جي پوليس نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

شاهين ڪامپليڪس وٽ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن موٽرسائيڪل سوار شهري کي روڪي ڪنداق هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو.

ٽريفڪ پوليس اهلڪارن شهري کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته گوڙ نه ڪر نه ته گولي جو کاڄ بڻجي ويندين.

موٽرسائيڪل سوار  تي اهلڪارن جي تشدد دوران شهري گڏ ٿي ويا،جڏهن ته رينجرز موقعي تي  پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو.

انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*