وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن هوندو ته ملڪ ۾معاشي ترقي ايندي، دهشتگرد آخري پساهه کڻي رهيا آهن

pm

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن هوندو ته ملڪ ۾معاشي ترقي ايندي، دهشتگرد آخري پساهه کڻي رهيا آهن، يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ مان جلد بدامني جو مڪمل طور تي خاتمو آندو ويندو، ڌانڌلي جو گوڙ ڪندڙ پهريان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسن.

اسلام آباد ۾ ٽيڪس سڌارن بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومتي قدمن کانپوءِ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، واپارين سام بهتر ماحول ۾ ڳالهائڻ تي ڏاڍو خوش آهيان.

هـُن چيو ته ملڪ عدم استحڪام کان استحڪام کان وڌي رهيو آهي، ڪراچي ۾ امن هوندو ته ملڪ ۾ اقتصادي ترقي ايندي ۽ وصوليون ٿينديون.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ مان بدامني جو جلد خاتمو آندو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي جو گوڙ ڪندڙ پهريان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائين، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ شڪست کان مخالفن کي سبق سکڻ  گهرجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*