ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن، ڀڃ ڊاهه ۽ گاڏين کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم اڳواڻن قمر منصور، شاهد پاشا ۽ ڪنور نويد جميل سميت 14 اڳواڻن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو ويو

kamar-Shahid-kanwar-23816

ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن، ڀڃ ڊاهه ۽ گاڏين کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم اڳواڻن قمر منصور، شاهد پاشا ۽ ڪنور نويد جميل سميت 14 اڳواڻن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو ويو.

جوابدارن ۾ عبدالرحمان، رشيد، سبحان، عرفان، فهيم دانش، محمد سليم، نديم، محمد آصف، ناصر، صبيع الدين ۽ شمس الله شامل آهن.

پوليس عدالت کي استدعا ڪندي چيو ته جوابدارن پاڪستان مخالف تقرير ٻڌڻ کانپوءِ ميڊيا هائوسز تي حملا ڪيا ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو، کانئن وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي.

عدالت جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي آرٽلري ميدان ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*