وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ متحده سربراه جي ملڪ دشمن بيانن خلاف برطانيه سان باضابطه رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

isl pm

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ متحده سربراه جي ملڪ دشمن بيانن خلاف برطانيه سان باضابطه رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سياسي ۽ فوجي قيادت جو چوڻ آهي ته پرڏيهه ۾ ويهي امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽  ملڪ خلاف قدم کڻندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر خان جنجوعا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار متحده سربراهه جي ملڪ دشمن بيانن ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي ٿيل حملن کانپوءِ واري صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏهن ته قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا ايڪشن پلان تي عمل بابت جائزه ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.

چوڌري نثار اجلاس کي ٻڌايو ته متحده سربراه جي ملڪ دشمن بيانن کانپوءِ برطانيه سان رابطو ڪري قانوني سهڪار جي درخواست ڪئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ امن لاءِ رينجرز جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي وفاقي گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ سنڌ سرڪار سان هر ممڪن سهڪار ڪيو  وڃي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  قومي سلامتي ۽ ملڪي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو، ملڪ دشمن قدم کڻندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت عزم ورجايو ته پرڏيهه ۾ ويهي ڪنهن کي به امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته متحده سربراهه جي ملڪ دشمن بيانن خلاف برطانيه سان باضابطه رابطو ڪيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*