سيوهڻ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال کي ڪوڏرن جا وار ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي

sehwan murder

سيوهڻ ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال کي ڪوڏرن جا وار ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

لڪي شاهه صدر واري علائقي ۾ جوابدار غلام حسين چوهاڻ ڪارنهن الزام ۾ ڪوڏرن جا وار ڪري پنهنجي گهرواري زاهده کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار لڪي شاهه صدر ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سيوهڻ جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، عورت جي وارثن جي فرياد تي جوابدار خلاف قتل جو ڪيس دخل ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*