جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان متحده قيادت پاران پاڪستان مخالف تقرير جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي، متحده خلاف آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي

molana

جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان متحده قيادت پاران پاڪستان مخالف تقرير  جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي، متحده خلاف آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊياسان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم وارن 21 سال اڳ به واشنگٽن ۾ نعرا هنيا هئا، حيرت آهي ته اڳ نوٽيس نه ورتو ويو، هاڻ سڄي صورتحال کليل نموني سامهون آئي آهي، ان تي حڪومت کي آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

فصل الرحمان جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پاڻ صاف نه آهي، ان پاران وفاقي حڪومت کي گندو چوڻ درست ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته خالد محمود سومرو ڪيس خاص عدالتن ڏانهن نه موڪلڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ لاءِ حڪومت کي مهلت ڏني آهي، جيڪڏهن انصاف نه مليو ته 8 سيپٽمبر تي سي ايم هائوس آڏو پرامن احتجاج ڪيو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*