قومي ايڪشن پلان تي صوبن ۾ عملدرآمد تي غور لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس جاري

Nawaz-Sharif-Cabinet-24816

قومي ايڪشن پلان تي صوبن ۾ عملدرآمد تي غور لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس  جاري آهي، جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.

پي ايم هائوس ۾ اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي سلامتي جي جائزي لاءِ بين الصوبائي اجلاس جاري آهي، جنهن ۾  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊِي جـِي آءِ ايس آءِ، ڊي جـِي آءِ بـِي ۽ ڊي جي ايم او به شريڪ آهن.

اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو  پيو وڃي، جڏهن ته صوبن ۾ ايڪشن پلان ۾ عمل دوران  رڪاوٽن وارا معاملن تي به ويچاريو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر خان جنجوعا پاران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت بريفنگ پڻ ڏني ويندي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فاٽا ۾ سڌارن بابت رپورٽ به منظوريءَ لاءِ پيش ڪئي ويندي ۽ اهم فيصلن جو امڪان آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*