امريڪا چيو آهي ته ترڪ حڪومت جي فتح الله گولن جي حوالگي لاءِ باضابطه درخواست ملي وئي آهي

Mark-Toner-US-18816

امريڪا چيو آهي ته ترڪ حڪومت جي فتح الله گولن جي حوالگي لاءِ باضابطه درخواست ملي وئي آهي، جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي، درخواست جو ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت سان ڪو واسطو ناهي.

امريڪي پرڏيهي ترجمان مارڪ ٽونر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ترڪ حڪومت جي فتح الله گولن جي حوالگي بابت باضابطه درخواست امريڪا کي ملي وئي آهي، پر ان ۾ فتح الله گولن جي حوالگي جو ڪارڻ واضع ناهي.

مارڪ ٽونر چيو ته درخواست جو ترڪي ۾ فوجي بغاوت سان به ڪو واسطو ناهي، ان باوجود امريڪا درخواست تي غور ڪري رهيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*