ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاررواويون ڪري 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Roa-Anwar-17816

ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاررواويون ڪري 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو آهي ته قمر منصور، شاهد پاشا ۽ ڪنور نويد ڪيسن ۾ گهربل آهن.

ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس ٽارگيٽڊ ڪارروايون ڪري 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي ملير رائو انوار جو چوڻ آهي ته کين ڪنور نويد، شاهد پاشا ۽ قمر منصور مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن، سندن گرفتاري لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته  ڪاررواين دوران محمود، ارشد بيگ، ذوالفقار، محمد عباس، ظفر، عبدالله، سهيل راڻا، ناصر ۽ فرحت الله کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ فائر برگيڊ جا 2 آفيسر به شامل آهن.

ايس ايس ملير چيو ته هيل تائين 12 مئي سانحي ۾ ملوث  20 جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*