وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ ڪراچي پهچي رهيو

Ch-Nisar-24816

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ ڪراچي پهچي رهيو آهي، ذريعن موجب چوڌري نثار رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن کانپوءِ گورنر ۽ وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچي رهيو آهي.

ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن دوران کيس  ميڊيا هائوسز تي حملي واري واقعي بابت بريفنگ ڏني ويندي.

ذريعن موجب چوڌري نثار اجلاس اجلاس جي صدارت بعد گورنر سنڌ سان ملاقات ڪندو ۽ سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير مراد علي شاهه سان به گڏجاڻي ڪندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*