سکر ۽ حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪميٽين لاءِ چيئرمين، وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن

Election-24816

سکر  ۽ حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ ضلعي ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪميٽين لاءِ  چيئرمين، وائيس  چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

سکر ضلعي ڪائونسل لاءِ  پ پ جو چيئرمين محمد اسلم شيخ، وائيس چيئرمين شاهزيب شاهه بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن.

حيدرآباد ضلعي ڪائونسل لاءِ  پ پ جو چيئرمين بدر ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين بلال لغاري، قاسم آباد ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ پ پ جو ڪاشف شورو چيئرمين ۽ اقبال سومرو وائيس چيئرمين، هوسڙي ٽائون لاءِ غلام مرتضيٰ شورو چيئرمين ۽ غلام احمد سرائي وائيس چيئرمين طور  بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

روهڙي ميونسپل ڪميٽي لاءِ چيئرمين شڪيل ميمڻ، وائيس چيئرمين آصف مهر  بنا مقابلي چونڊجي ويا، باگڙجي، ڪنڌرا، صالح پٽ ۽ پني عاقل ٽائون ڪميٽين  تي پ پ جا ميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل لاءِ  پ پ جو مير انور ٽالپر چيئرمين ۽ احمد علي خان بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.جڏهن ته سنڌڙي، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، نئون ڪوٽ، ۽ ڪوٽ غلام محمد ٽائون ڪميٽيز ۾ پ پ جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪائونسل تي  پ پ جو  چيئرمين محبوب علي بجاراڻي، وائيس چيئرمين نويد خان گولو  بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

 ميونسپل ڪميٽي ڪنڌڪوٽ ۾ چيئرمين لاءِ  پ پ جو مير راشد خان سندراڻي، وائيس چيئرمين افتخار احمد سهرياڻي، ٽائون ڪميٽي گڊو تي محراب خان مزاري، وائيس چيئرمين لاءِ شاهد خان بوهڙ، ٽائون ڪميٽي ڪشمور لاءِ چيئرمين  اسرار خان کوسو، وائيس چيئرمين شفيق دستي، بخشاپور ٽائون ڪميٽيي تي چيئرمين فنڪنشل ليگ جو فاروق ڊومڪي ۽ وائيس چيئرمين اميت ڪمار  بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

تنگواڻي ٽائون ڪميٽي تي پ پ چيئرمين اشرف علي بجاراڻي، وائيس چيئرمين عنايت حسين گجراڻي، ڪرمپور ۾ چيئرمين   اياز خان بجاراڻي، وائيس چيئرمين سنيل ڪمار، غوثپور ٽائون ڪميٽي تي  پ پ جو چيئرمين سڪندر خان سندراڻي، وائيس چيئرمين محمد عظيم ملڪ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

قمبر ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاءِ پ پ جو  محمد قاسم کوسو وائيس چيئرمين سيد عتيق شاهه راشدي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

     قمبر ميونسپل ڪميٽي  لاءِ پ پ جو  چيئرمين شعبان شيخ ۽ وائيس چيئرمين ذوالفقار علي خانزاده، شهدادڪوٽ ميونسپل ڪميٽي لاءِ چيئرمين مير مٺل مغيري   ۽ وائيس چيئرمين پرويز احمد شيخ اميدوار آهن، سندن مقابلي ۾ بيٺل حضور بخش بروهي آخري وقت تي رٽائرڊ ٿي ويو.

ٺل ٽائون ڪميٽي تي پ پ جو  زوهيب سرڪي چيئرمين ۽ منير سومرو وائيس چيئرمين طور ڪامياب ٿي چڪا آهن.

 سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي لاءِ فنڪشنل ليگ جو چيئرمين دلبر خان نظاماڻي ۽ وائيس چيئرمين عاصم سڌهوبنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪاآهن.

ناري ميونسپل ڪميٽي لاءِ فنڪشنل ليگ جو چيئرمين ممتاز حسين آرادين ۽ محمد شريف نظاماڻي ڪامياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 7 يوسيز تي به فنڪشنل ليگ جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*