سپريم ڪورٽ، تڪراري رٿا ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي

supremecourt

سپريم ڪورٽ، تڪراري رٿا ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت نظرثاني درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته درخواست آئين جي آرٽيڪل هڪ سئو 84 ( ٿري) جي زمري ۾ نٿي اچي، ان ڪري درخواست رد ڪجي ٿي.

سپريم ڪورٽ ۾ انجنيئرنگ اسٽڊي فورم پاران درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيري لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ضروري آهي.

درخواست ۾عدالت کي استدعا ڪئي وئي هئي ته سپريم ڪورٽ حڪومت کي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم جاري ڪري……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*