وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Murad-Ali-Shah-IG-24816

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ صوبائي راڄڌاني ۾ شرپسندن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

آءِ جي سنڌ ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ دوران  امن امان جي صورتحال بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته ڪراچي ۾ ماضي جي ڀيٽ کان امن امان جي صورتحال بهتر آهي، شرپسندن تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي.

وڏي وزير ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ٿاڻي ڪلچر کي هر صورت ۾ بهتر ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته هو پاڻ ٿاڻا ۽ لاڪ اپ اوچتو چيڪ ڪندو  رهندو، ايس ايڇ اوز کي عوام شڪايتون ۽ مسئلا دوستاڻي ماحول ۾ ٻڌڻ گهرجن.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، بد امني پکيڙيندڙشرپسندن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر سميت ٻين پوليس آفيسرن ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*