ڪراچي ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر توڙي ڊي ايم سيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جِي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي

waseem akhter

ڪراچي ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر توڙي ڊي ايم سيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جِي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر کي جيل مان ڪي ايم سي بلڊنگ آندو ويو، جتي هن ڪي ايم سي آفيسرن کان بريفنگ ورتي.

ڪراچي ۾ ميٽرو پوليٽن تي ميئر لاءِ ايم ڪيو ايم جو وسيم اختر، ڊپٽي ميئر ارشد وهره، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ڪرم الله وقاسي سميت چار اميدوار ميدان تي لٿل آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ 308 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، ان حوالي سان انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ڪراچي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر کي جيل مان خاص پروٽول هيٺ ڪي ايم سي بلڊنگ آندو ويو.

لاڙڪاڻي ۾  ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جو اسلم شيخ، ڊپٽي ميئر لاءِ انور لهر، جڏهن ته لاڙڪاڻي اتحاد طرفان ميئر لاءِ اويس عباسي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ محمود الحسن لاءِ اميدوار آهن.

سکر ۾ پيپلز پارٽي جي ارسلان شيخ ميئر ۽ طارق حسين چوهاڻ ڊپٽي ميئر جي عهدن تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*