قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته متحده سربراهه کي مائنس ون ڪرڻ کانسواءِ ڪم نه هلندو، اهو چوڻ غلط آهي ته پاڪستان مهاجرن ٺاهيو

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته متحده سربراهه کي مائنس ون ڪرڻ کانسواءِ ڪم نه هلندو، اهو چوڻ غلط آهي ته پاڪستان مهاجرن ٺاهيو، ملڪ جي قيام ۾ سڀ کان وڏو ڪردار سنڌين جو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  سان خورشيد شاهه چيو ته متحده سربراهه وٽ ڀارتي لابي جا ماڻهو موجود آهن، جيڪي کائنس اهڙيون تقريرون ڪرائي رهيا آهن.

هـُن چيو ته متحده سربراهه کي مائنس ڪرڻ کانسواءِ ڪم نه هلندو، هن وقت جنهن به متحده سربراهه جو ساٿ ڏنو، اهي سندس هر عزم جا ذميورا به هوندا.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي بي ڌياني سبب حالتون خراب ٿيون، متحده سربراهه جي ذهني دٻاءَ واريون ڳالهيون نيون نه آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته مهاجرن جي قربانين کي آڏو رکيو آهي، ان ڪري ڪوشش هوندي ته ايم ڪيو ايم پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪري.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته پاڪستان مهاجرن ٺاهيو، ملڪ جي قيام ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار سنڌين جو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*