هڪ رات ۾ ڪنهن جي سياست ختم ناهي ٿيندي، اهو چوڻ غلط آهي ته فاروق ستار ايم ڪيو ايم جو جهنڊو کنيو آهي ۽ متحده سربراهه مائنس ٿي ويو, پيپلزپارٽي جي سينيٽر بئريسٽر اعتزاز احسن

aitzaz-hassan-politician-Islamabad-24816

پيپلزپارٽي جي سينيٽر بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته هڪ رات ۾ ڪنهن جي سياست ختم ناهي ٿيندي، اهو چوڻ غلط آهي ته فاروق ستار ايم ڪيو ايم جو جهنڊو کنيو آهي ۽ متحده سربراهه مائنس ٿي ويو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته متحده جي سربراهه وڏي غلطي ڪئي آهي پر سياست ۾ مائنس ون وارا فارمولا ڪامياب ناهن ٿيندا.

اعتزاز احسن چيو ته هڪ رات ۾ ڪنهن جي سياست ختم ناهي ٿيندي، سندس خيال آهي ته متحده جو سربراهه پارٽي مان ايترو جلدي مائنس نه ٿي سگهندو.

هـُن چيو ته اهو چوڻ به وقت کان اڳ آهي ته فاروق ستار ايم ڪيو ايم جو جهنڊو کنيو آهي ۽ متحده سربراهه مائنس  ٿي  ويو.

اعتزاز احسن چيو ته ملڪ خلاف ڳالهائيندڙن تي آئين جو آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*