عوام سندن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو، پ پ ايم اين اي ڪمال چانگ جو چوڻ آهي ته پ پ ئي بدين جي ضلعي چئيرمين شپ کٽيندي, قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا

Fehmida-Mirza-24816

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر  ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو  آهي ته عوام سندن اميدوارن کي ڪامياب ڪندو، پ پ ايم اين اي ڪمال چانگ جو چوڻ آهي ته پ پ ئي بدين جي ضلعي چئيرمين شپ کٽيندي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي فهميدا مرزا چيو ته بدين جي عوام سان سدائين تماشا ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري عوام ۾ مايوسي آهي.

هن چيو  ته اليڪشن ڪميشن انڌي ٻوڙي ۽گونگي آهي، ڪرپٽ ڊي سي کي ڊي آر او بڻايو ويو آهي.

فهميدا مرزا جو چوڻ هو ته ڪابينا ميمبر ۽ صلاحڪار چونڊن دوران گهمندا پيا وتن، انهن خلاف اليڪشن ڪميشن کي شڪايتون ڪيون آهن.

 ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي پ پ  ايم اين اي ڪمال چانگ آهي ته  پ پ اڳواڻ پولنگ تي اثر انداز نه پيا ٿين.

هن چيو تن پيپلز پارٽي جا اميدوار بدين جي ضلعي ڪائونسل  ۾ ڪاميابي ماڻيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*